پير شير جو مقبرو

پير شير جو مقبرو

پير شير جو مقبرو

پير شير جو مقبرو: هيءُ مقبرو تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄامشوري ۾ سيوهڻ کان 13 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي باجارا ڳوٺ کان 1 ڪلوميٽر اتر طرف ''13'22°26 ڊگريون اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ ''44'45°67 ڊگريون اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي واقع آهي. هن مقبري جو بنيادي ڍانچو اٺڪنڊو آهي، جنهن کي سيمينٽ سان پلستر ڪري اڇو رنگ ڪيو ويو آهي. مقبري جو مکيه دروازو اوڀر طرف آهي. مقبري جو ڳچ اٺڪنڊو آهي، جنهن مٿان گنبذ رکيل آهي. سواءِ گنبذ جي، مقبرو تمام سادي طرز جو آهي. گنبذ مٿان معمولي نقش نگاريءَ سان گڏ ڪوڻي جو ابتو گل رکيل آهي. هيءُ مقبرو سترهين- ارڙهين صدي عيسويءَ جي اڏاوت آهي. مقبري ۾ دفن بزرگ بابت ڪا به معلومات نه ملي سگهي آهي. مقامي ماڻهو هن مقبري کي ببر شير بزرگ جي نسبت سان ‘ببر شير جو مقبرو’ ڪري سڏين ٿا. هن مقبري تي مقامي ماڻهو زيارت لاءِ ايندا رهن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو